ڀنڊ جوکيا

ڀنڊ جوکيا: جوکين جي ذات مان هڪ نُک آهن. اڪثر جوکيا حضرت غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جا مريد آهن. روايت آهي ته غوث صاحب جي زماني ۾ هڪ مريد جوکئي کان غوث صاحب اولاد بابت پُڇا ڪئي. مريد وراڻيو ته کيس هڪ نياڻي ڀاڳان نالي آهي. غوث پاڪ کيس هدايت ڪئي ته صبح سوير جيڪو فقير تو وٽ اچي، اُن کي نياڻي نڪاح ۾ ڏج. صبح جو هڪ درويش جهنڊولو فقير وٽس آيو ۽ هن ڌيءَ کيس پرڻائي ڏني. ان مان کيس چار پٽ (1) جهلڪ فقير (2) سهراب (3) لاڏو ۽ (4) ڀنڀو ٿيا. جهلڪ فقير مان لال بکر جهلڪائي فقير ٿيا، ڀنڀي مان ڀنڀاڻي بنڊ مال ٿيا ۽ سهراب جي اولاد وارا جوکيا، ٻنڊ وڏيرا/ڀنڊ جوکيا سڏجن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو